New Page 1

دوڙ شهر جي پهرين سنڌي ويب سائيٽ تي ڀليڪار

دوڙسٽي هوم پيج ايـــم ايـــڇ جــمــالــي ســنـــڌي بـــلاگ دوڙ پريس ڪلب فني تصويرون ويب سائيٽ ٽيم اهم شخصيتون يادگار لمحا بزرگن جون مزارون سياسي شخصيتون انڊين وال پيپرز دوڙ شهر جو نقشو هاڻوڪو دوڙ تصوير گيلري Guest Book Contact

WELCOME<*><*><*>ڀليڪار خوش آمديد                                    

بسم الله الرحمٰن الرحيم

سائينم! سدائين ڪرين مٿي، سنڌ سُڪار

دوست مٺا دلدار. تون عالم سڀ آباد ڪرين

OLD HISTORY OF DAUR

دوڙ شهر جي قديم تاريخ

تاريخي ڄاڻ مطابق ماضي ۾ (مائي دور، مائي بُڇيري ۽ مائي ٻانڌي) نالي سان ملاح قوم جون ٽي ڀينرون هيون، جيڪي درياءَ جي هڪ ڪپ کان ٻئي ڪپ تائين ماڻهن کي ٻيڙيءَ جي ذريعي پتڻ پار ڪرائينديون هيون. ان وقت هتان کان درياءَ جو وهڪرو هوندو هو. پر اڳتي هلي درياءَ به رخ مٽايو ۽ انهن عورتن جي موت کان پوءِ اهي نالا انهن پتـڻن تي پيا ۽ آخر اڳتي هلي انهن ٻانڌي، بڇيري ۽ دوڙ جي نالن سان شهرن جو روپ اختيار ڪيو. (ياد رهي ته سهڻي به درياءَ جي وهڪري واري هِن طرف کان لڙهندي وڃي شهدادپور مان نڪتي هئي). جتي اڄ سندس مزار به واقع آهي ۽ درياءَ جي وهڪري جا نشان اڄ به دوڙ ۽ بڇيري جي اولهه طرف مين بائي پاس روڊ وٽان ڏسي سگهجن ٿا. هن علائقي کي اڄڪلهه ماڻهو سهڻيءَ جو (ڍورو) ڪري سڏين ٿا. جتي هن وقت به سم جي پاڻي جو وڏو حصو بطور ثبوت ظاهر آهي.

 

نوٽ: (مٿي ڏنل معلومات عبرت اخبار مان ورتي وئي آهي)

۽هن ڳالهه جو حوالو سنڌي ادبي بورڊ جي ويب سائيٽ (تاريخ سنڌ پيج) تي پڻ موجود آهي.

مٿين معلومات جناب سائين فيروز پٺاڻ

رپورٽر (روزانه عبرت) تعلقه دوڙ ونڊ ڪئي آهي

*********************************** 

پر جيڪي حوالا دوڙ تي دوڙ نالي يا مائي دور جي حوالي سان ملن ٿا،ان کان علاوه به ڪجهه حوالا هيٺين ريت بھ ٻڌايا وڃن ٿا
(1) هتي گهوڙن جي ڊوڙ ٿيندي هئي ، ڊوڙ مان دوڙ ٿيو .
(2) هتي داڙو مل نالي شخص هيو ، داڙو مان دوڙ ٿيو .
(3) دوڙ کان اتر طرف ڦاٽڪ سان ويجهو ئي هڪ ( کوھ ) هوندو هو، جتي هڪ جهوپڙي به ٺهيل هوندي هئي. اتي قرآن پاڪ به رکيل هوندا هئا پاڻي جو مٽ به ڀريل هوندو هو ، ان وقت جڏهن گهوڙن ۽ اٺن تي ماڻهو سفر ڪندا هئا ته اتي هن کوھ واري جهوپڙي ۾ ويهي آرام ڪندا هئا ۽ قرآن پاڪ جو ( دور ۽  تلاوت ) به ڪندا هئا ۽ سفر جو ٿڪ به لاهيندا هئا ، هن جاءِ کي ( دور ) واري کُهي چوندا هئا ، ائين ئي دور مان دوڙ ٿيو.
(1)  
مائي دور
(2) گهوڙن جي ڊوڙ
(3) داڙو مل
(4) دور واري کُهي

هيءَ معلومات جناب مُجيب ڪورائي جن ونڊ ڪئي آهي.

*******************************************

 

        ****اوهان جي دعائن جا طلبگار****

ايم ايڇ جمالي              فيروز علي پٺاڻ

Ex: C.O TMA Daur         نمائنده روزانـ عــبرت دوڙ

Mob:0302-3292697          Mob:0305-3038290

New Page 1 New Page 1

تعلقه دوڙ جي موجوده حيثيت PRESENT CONDITION OF DAUR CITY

دوڙ کي 1 جولائي 2005ع تي گورنمينٽ آف سنڌ جي آرڊر تحت نواب شاهه کان الڳ ڪري تعلقه جو درجو ڏنو ويو ۽ دوڙ ۾ ٽوٽل 14 يوسيز سميت ٻاڌي ۽ ڄام صاحب کي سب آفيس آف ٽي ايم اي دوڙ جو درجو ڏنو ويو. تعلقه دوڙ ۾ جيڪي يوسيز شامل ڪيون ويون. اهي هٺين ريت آهن.

1

يوسي دوڙ

2

يوسي بڇيري

3

يوسي ٻانڌي

4

يوسي ابوالحـسن

5

يوسي جمال شاهه

6

يوسي 60 ميل

7

يوسي آمرجي

8

يوسي سهيلو

9

يوسي ڄام صاحب

10

يوسي گپچاڻي

11

يوسي رئيس اسماعيل خان بروهي

12

يوسي غلام حيدر شاهه

13

يوسي جهوڙو خان شر

14

يوسي اوڀاري ساوڙي

تعلقه دوڙ جي ٽوٽل آبادي 350000 (ٽي لک پنجاهه هزار) ۽ جڏهن ته شهري آبادي50000 (پنجاهه هزار) جي قريب آهي.

پنهنجي مرضي جا ڪتاب، سافٽويئرس ۽ آڊيو سانگس ڊائونلوڊ ڪرڻ لا هتي ڪلڪ ڪريو

   Connect Me

     M.H Jamali

cloudphotoeditor.com

Name:
Email:
Where are
you from:
Comments:

Type this 4 to 6 character security code into this box. (This code prevents automated programs from adding entries to the guestbook.)

 

© Copy Right-2008 web-site designed & published by MH-Jamali 0343-3681358