DaurToday

دوڙسٽي هوم پيج ايـــم ايـــڇ جــمــالــي ســنـــڌي بـــلاگ دوڙ پريس ڪلب فني تصويرون ويب سائيٽ ٽيم اهم شخصيتون يادگار لمحا بزرگن جون مزارون سياسي شخصيتون انڊين وال پيپرز دوڙ شهر جو نقشو هاڻوڪو دوڙ تصوير گيلري Guest Book Contact

Because the Custom page is generic in format, I can customize the subheadings and text below to fit any purpose and any subject.

Insert Sub Header Here

Insert descriptive text which supports the above header. Insert descriptive text which supports the above header.Insert descriptive text which supports the above header. Insert descriptive text which supports the above header.

Insert Another Sub Header Here

Insert descriptive text which supports the above header. Insert descriptive text which supports the above header.Insert descriptive text which supports the above header. Insert descriptive text which supports the above header.

Insert Another Sub Header Here

Insert descriptive text which supports the above header. Insert descriptive text which supports the above header.Insert descriptive text which supports the above header. Insert descriptive text which supports the above header.

Insert Another Sub Header Here

بـســم الله الــرحــمٰــــن الـــرحــيـــم

نـيـو هــسٽــري آف تــعـلـقـ دوڙ

دوڙ کي 2005-07-01 تي گورنمينٽ آف سنڌ جي آرڊر تحت نوابشاهـ کان الڳ ڪري هڪ ڌار تعلقـ جودرجو ڏنو ويو  ۽ دوڙ ۾ ٽوٽل 14 چوڏهن يوسيز سميت ٻانڌي ۽ بڇيري کي سب آفيس آف ٽي ايم اي دوڙ جو درجو ڏنو ويو. يوسيز جي لحاظ کان دوڙ نوابشاهـ تعلقي کان بـ وڏو آهي. تعلقـ دوڙ ۾ جيڪي يوسيز شامل ڪيون ويون اهي هيٺين ريت آهن.

1. يوسي دوڙ، 2. يوسي بڇيري، 3. يوسي ٻانڌي، 4. يوسي ابـل حـسن، 5. يوسي جمال شاهه،

6. يوسي 60 ميل، 7. يوسي سهيلو، 8. يوسي آمرجي، 9. يوسي ڄام صاحب، 10. يوسي گپچاڻي.

11. يوسي رئيس اسماعيل خان بروهي، 12. يوسي غلام حيدر شاهه،

13. يوسي جهوڙو خان شر، 14. يوسي اوڀاري ساوڙي

دوڙ آبادي ۽ تعليمي لحاظ کان

تعلقـ دوڙ جي ڪُــل آبادي هڪ اندازي مطابق اٽڪل 3،50،000 هزار جي لڳ ڀڳ آهي. جڏهن تـ دوڙ جي شهري آبادي اندازي مطابق اٽڪل 50،000هزار جي لڳ ڀڳ آهي. دوڙ ۾  تعليمي لحاظ کان بوائز پرائمري اسڪولن جو تعداد 834 آهي ۽ گرلس پرائمري اسڪولن جو تعداد 102 آهي. بوائز مڊل اسڪولز جو تعداد 5 آهي ۽ جڏهن تـ گرلز مڊل اسڪول جو تعداد 3 آهي.  دوڙ ۾ بوائز  هاءِ اسڪولز جو تعداد  7 آهي جڏهن تـ گرلس هاءِ اسڪولن جو تعداد 1 آهي جيڪو اسڪول دوڙ ۾ ئي واقع آهي. تعلقي دوڙ ۾  بوائز انٽرميڊئيٽ ڪاليجز جو تعداد 1 آهي جيڪو بـ دوڙ ۾ ئي واقع آهي. جڏهن تـ گرلز ڪاليج نـ آهي.

دوڙ اسپتالن ۽ صحت جي لحاظ کان.

تعلقي دوڙ ۾ رورل هيلٿ سينٽرز جو ڪل تعداد 3 آهي جن مان 1 دوڙ شهر ۾ ، 1 سب آفيس ٻانڌي  ۽ 1 سب آفيس ڄام صاحب ۾ آهن ۽ جڏهن تـ 1 فيملي ويلفيئر سينٽر جيڪو دوڙ ۾ آهي .

دوڙ بئنڪن جي تعداد کان

اين بي پي دوڙ، ايم سي بي دوڙ، يو بي ايل دوڙ، ذرعي ترقياتي بينڪ دوڙ، ايم سي بي ڄام صاحب، حبيب بينڪ ٻانڌي،

دوڙ ۾ سرڪاري دفــتــر

ڊي.ڊي.او (روينيو) نزد اريگيشن گرائونڊ، مختيارڪار (روينيو) نزد پوليس اسٽيشن،
ايس.ڊي.او (اريگيشن)، ٽي پي او آفيس اينڊ ٿاڻو دوڙ، ايس.ڊي.او (واپڊا)، سب زونل مينجر سئي گئس، ايس.ڊي.او (ايجوڪيشن) نزد مختيار ڪار آفيس.

Insert Another Sub Header Here

Insert descriptive text which supports the above header. Insert descriptive text which supports the above header.Insert descriptive text which supports the above header. Insert descriptive text which supports the above header.

Insert Another Sub Header Here

دوستو هتي مون سان اوهان سڀ ڪجهه شيئر ڪري سگهو ٿا

دوڙ تـعــلــقـــ ٺــهــڻ کانــپـوءِ

دوڙ تعلقـ جي حيثيت ماڻڻ کانپوءِ جلد ئي لوڪل گورنمينٽ اليڪشن منعقد ڪيون ويون. جنهن ۾ يوسي اسماعيل خان بروهي جو خرم يار محمد بروهي اڪثريت راءِ سان تعلقـ ناظم دوڙ چونڊجي آيو. اهڙي طور کيس تعلقـ دوڙ جپ پهريون ناظم هجڻ جو اعزاز حاصل آهي.

اهڙيءَ طرح سان آفيشل ليول تي جناب نبي  بخش خان رند صاحب جن کي ٽي ايم او دوڙ مقرر ڪيو ويو. جن کي بـ تعلقـ دوڙ جو پهريون ٽي ايم او هجڻ جو اعزازحاصل آهي. جنهن کانپوءِ دوڙ ۾ ڪجهـ ترقياتي ڪمن جو سلسلو شروع ٿيو جنهن ۾.

1. تعلقـ ميونسپل ايڊمنسٽريشن دوڙ آفيس جي ڀر ۾ ئي نادرا آفيس جو قيام.

2. تعلقـ ميونسپل ايڊمنسٽريشن دوڙ آفيس جي ڀر ۾ ئي دوڙ شهرجي رهواسين لاءِ پيئڻ جي پاڻي جي فــلـٽـر پلانٽ جو قيام.

پر محترمـ شهيد بينظير جا سانحي کانپوءِ ڪجهـ تڪليفون در پيش اچڻ جي باوجود بـ ٽي ايم اي دوڙ همت نـ هاري ۽ پنهنجي اسڪيمن ۽ پروجيڪٽس تي اڃا تائين ڪم جاري آهي.

دوڙ تعـلقـ ٺهــڻ کانــپوءِ ترقــياتي ڪمن جو آغاز ڪيو ويو.***

سڀ کان پهريان 2006 ۾ ٽوٽل 200 اسڪيمن جا ٽينڊر منظور ڪيا ويا. سال 2007 ۾ 139 اسڪيمن جا ٽينڊر منظور ڪيا ويا. اهڙيءَ طرح سال 2008 ۾ 448 اسڪيمن جا ٽينڊر تعلقـ ڪائونسل پاران منظور ڪيا ويا.جن ۾ ڪجهـ آن گوئنگ اسڪيمز تي ڪم جاري آهي. جيڪي پوري پاڪستان ۾ ڪنهن بـ تعلقي ايترا ٽينڊر منظور نـ ڪيا آهن. جيڪو هڪ رڪارڊ آهي.

دوڙ تـرقــيـاتي ڪــمن جي لحاظ کان***

جولائي 2006ع تي ٽي ايم اي دوڙ آفيس بلڊنگ جي تعمير جو ڪم شروع ڪيو ويو جيڪو آگسٽ 2007 ۾ مڪمل ٿيو.  هن وقت ٽي ايم اي طرفان, روڊن ۽ گلين جي تعمير، فرشبندي، مورين جي تعمير، ناليون ۽ گٽر لائينز جي تعمير، سي سي ٽاپنگس، واٽر ٽينڪس جي فراهمي، آرسي سي پائيپس جي فراهمي، پي وي سي پائيپس ۽ اليڪٽرڪ موٽرس جي فراهمي، ڏامرجي روڊن جي تعمير، عورتن لاءِ سلائي مشينن جي فراهمي، پاڻي جي نلڪن جي فراهمي جي لاءِ ٽي ايم اي پنهنجي پروجيڪٽس کي يقيني بنائي رهي آهي جنهن لاءِ فـنڊگ جي تمام اهم ضرورت آهي جڏهن ته اهي سهولتون ٽي ايم اي پنهنجي (اون سورس سسٽم) جي تحت سرانجام ڏئي رهي آهي.