New Page 1

ويـب سـائـيـٽ ٽـيـم

دوڙسٽي هوم پيج ايـــم ايـــڇ جــمــالــي ســنـــڌي بـــلاگ دوڙ پريس ڪلب فني تصويرون ويب سائيٽ ٽيم اهم شخصيتون يادگار لمحا بزرگن جون مزارون سياسي شخصيتون انڊين وال پيپرز دوڙ شهر جو نقشو هاڻوڪو دوڙ تصوير گيلري Guest Book Contact

دوستو مان ايم ايڇ جمالي هڪ سچو ج
اسان جي ويب ٽيم جو مشن ۽ اسان جو مقصد

دوستو مان ايم ايڇ جمالي هڪ سچو جذبو ۽ دلي شوق رکي دوڙ شهر جي ويب سائيٽ ٺاهڻ جو سوچيو ۽ مزي جي ڳالهـ تـ اها بـ سنڌي ۾، مونکي ان دوران جيڪي تڪليفون در پيش آيون، ٻڌائڻ سان  تـ دل جو بار هلڪو نـ ٿو ٿي سگهي، جنهن ۾ مشڪل کان مشڪل ترين، انٽرنيٽ تي سنڌي ۾ ويب سائيٽ ٺاهڻ ڪنهن چيلينج کان گهٽ نـ هو. پر نيڪ نيتي ۽ سچي دل سان ڪم ڪرڻ سان الله سائين بـ ان انسان جي مدد ضرور ڪندو آهي، ائين مان بـ پنهنجي ذاتي خرچ سان پنهنجي دوست جيڪي انٽرنيٽ ۽ سنڌي ويب ڊزائيننگ ۾ ماهر هئا، انهن سان رابطـ ڪيا، حيدرآباد، ڪراچي وڃي ڪري انهن کي تنگ ڪري، انهن جون ڇڙٻون صحيح ڪري مان پنهنجي پروجيڪٽ کي اڳتي وڌايو تـ جيئن دوڙ شهر ۽ دوڙ شهر جي سماجي ۽ ثقافتي حيثيت کي انٽرنيٽ جي دنيا تي پيش ڪري سگهجي ، دوستو جڏهن ان ويب سائيٽ جي مون شروعات ڪئي، دوڙ شهر جي ڪافي دوستن کي هن ڀلائي جي ڪم ۾ حصو وٺڻ لاءِ چيو تـ  هن هيڏي وڏي شهر ۾ مونکي ڪابـ موٽ نـ ملي سواءِ ڪــن چند ماڻهن جي جيڪي راضي بـ ٿيا ۽ منهنجي دلچسپي ۽ هن عظيم مقصد کي سمجهي بـ سگهيا، جن ۾ سڀ کان پهرين ٽاپ لسٽ تي جيڪو نالو آهي اهو آهي، سائين فيروز علي پٺاڻ صاحب،جنهن دوڙ شهر جي پراڻي تاريخ جو ڄڻ ڪتاب کولي کڻي منهنجي سامهون رکيو، جنهن ۾ غطيم يادگار تاريخي ميڙ ۽ غطيم اڳواڻن جون تصويرون ۽ ٻيو گهڻو ڪجهـ مواد شامل آهي اهو سڀ سائين فيروز صاحب جن جو ڪارنامون آ، نـ تـ مان تـ دوڙ شهر جي ماڻهن جي موٽ نـ ملڻ ڪري مايوس ٿي ويو هئس ۽ سوچيم تـ ماڻهو منهنجي ڳالهـ کي سمجهن ئي ڪونـ ٿا، پر پوءِ جــس هجي سائين فيروز صاحب جن کي  جن، محبت ۽ اُڪــيــر  مان چيو تـ جمالي پُٽ ڪو ڏينهن ضرور ايندو جڏهن اها ويب سائيٽ ٺهندي ماڻهو اسان ٻنهي کي داد ضرور ڏيندا ۽ اڳتي هلي انهن کي اسان جي ۽ هن ويب سائيٽ جي ضرورت ضرور پوندي.
پوءِ الله جو نالو وٺي پراجيڪٽ کي شروع ڪيوسين، شڪر آهي تـ ڪافي حد تائين اسان ڪاميابي ماڻي آ،  ۽ هڪ ڏينهن ضرور ايندو جو دوڙ جي ماڻهن کي اسان جي هن  انٽرنيٽ جي دنيا تي ٺاهيل ويب سائيٽ جي سخت ضرورت پوندي.

هاڻي اوهان وڌيڪ اسان يعني سائين فيروز علي پٺاڻ صاحب ۽ ايم ايڇ جمالي جي باري ۾ ذاتي پڙهندا.

 

تعارف ايم ايڇ جمالي

مان ايم اي جمالي جو پورو نالو محمد حسين جمالي آهي، مان هن شهر جو بـ نـ آهيان، مان نوابشاهـ سان تعلق رکان ٿو، منهنجو جنم 12 جولائي 1989ع ۾  نوابشاهـ ڀرسان هڪ ڳوٺ سعيد خان جمالي ۾ ٿيو، مان مالي طور مڊل ڪلاس گهراڻي ۾ جنم ورتو، اسان ست ڀائر آهيون، جن ۾ مان 5 نمبر آهيان، منهنجي تعليم انٽرسانس آهي ۽ وڌيڪ پڙهي رهيو آهيان، منهنجو  شروع کان ئي ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي دنيا سان منهنجو شوق رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو مان ڪمپيوٽر جي دنيا ڇڏي ئي نـ ٿو سگهان. پر دوڙ شهر ۾ مان ڪيئن آيس ۽ هي ويب سائيٽ ڇو ٺاهي ان سوال جو جواب صرف اهو آهي تـ مان 26 جولائي 2006ع تي هتي تعلقـ ناظم ڪميپوٽر آپريٽر طور ڀرتي ٿيس ۽ اڃان تائين پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيي رهيو آهيان ۽ انشاءَ الله جيستاين زنده رهندس دوڙ شهر ۽ دوڙ جي ماڻهن کي پنهنجي سيني ۾ سانڍي رکندس.

 

تعارف سائين فيروز علي پٺاڻ صاحب

سائين کان سچ پڇيو تـ دوڙ جي ويب سائيٽ لاءِ مون ايتري معلومات ۽ تصويرون هٿ ڪيون آهن پرڪڏهن بـ سائين فيروز صاحب کان مون سندن باري اڃان تائين پڇيو ئي نـ آهي پر مختصر طور خبر آهي تـ پاڻ اصل سرحد صوبي سان تعلق رکن ٿا، پاڻ پٺاڻ آهن پر دوڙ شهر ۾ سنڌي ۽ سرائيڪي گهراڻن سان سندن  مٽي مائتي هجڻ ڪــري،  سائين جن پاڻ سنڌي ۽ سرائيڪي بلڪل صاف  ڳالهائيندا آهن. پاڻ دوڙ شهر ۾ سالن کان عبرت اخبار جا مڃيل تعلقـ رپورٽرآهن، پاڻ شروع کان وٺي ئي صحافت سان لاڳاپيل آهن ۽ سندن رپورٽنگ تقريبا هر روز عبرت اخبار جي سرخين ۾ ڏسڻ وٽان هوندي آهي.

پاڻ ڏاڍا کلڻا ڳالهائڻا ۽ ٿورو تيز طبيعت جا آهن پر مون سان سدائين سٺي مزاج سان ۽ کلندي پيش ايندا آهن. هن ويب سائيٽ جي لاءِ تاريخي حوالـ ۽ مواد مهيا ڪرڻ  ۾ جيڪا محنت سائين فيروز صاحب جن ڪئي آهي، ٿي سگهي ٿو تـ ايتري محنت مون ايم ايڇ جمالي هن ويب سائيٽ ٺاهڻ ۾ بـ نـ ڪئي هوندي.

 

اوهان جي دعائن جا طلبگار

ايــــم ايــــڇ جــمــالــــي                                     فـــيـــروز علي پــٺـاڻ

ڪمپيوٽر آپريٽر ٽي ايم اي دوڙ                    نمائنده عبرت تعلقـ دوڙ

موبائل نمبر؛3681358-0343                       موبائل نمبر؛3292697-0302

هـــيــٺ مُون ۽ سائين فيروز صاحب جن جون مختلف موقعن تي ورتل تصويرون شامل آهن.

Sample Photo 1

Brief Description

Sample Photo 2

Brief Description

Sample Photo 3

Brief Description

Sample Photo 4

Brief Description

Sample Photo 5

Brief Description

Sample Photo 6

Brief Description

New Page 1

 هوم پيج

مزاحيه تصويرون

اردو غزل

دوڙ پريس ڪلب

اهم شخصيتون

يادگار لمحا

ڊزائينڊ شاعري

ڊائونلوڊ ڪيو

Welcome