Photo 2

دوڙسٽي هوم پيج ايـــم ايـــڇ جــمــالــي ســنـــڌي بـــلاگ دوڙ پريس ڪلب فني تصويرون ويب سائيٽ ٽيم اهم شخصيتون يادگار لمحا بزرگن جون مزارون سياسي شخصيتون انڊين وال پيپرز دوڙ شهر جو نقشو هاڻوڪو دوڙ تصوير گيلري Guest Book Contact

Photo Gallery

دوڙمشهوربزرگن ۽ اوليائن جو شهر:

اسان اوهانکي Saints Shrines Page تي ڀليڪار چئون ٿا.

هن پــيــج تــي دوڙ جــي حــد ۾ الله جـي بـزرگــن جي مزارن جو ڏيک ۽ مختلف ميلن تي ٿيندڙ ملهـ راندو جو منظر ڏسي سگهجي ٿو. هيٺ ڏنل تصوير ۾ درگاهـ ڳاڙهو پير جيڪو دوڙ ڀرسان واقع آهي جي بايو گرافي ۽ مزار جو رنگ ڏسي سگهجي ٿو.

درگاهـ ڳاڙهو پير دوڙ شهر کان اولهـ طرف بائي پاس ڀرسان؛ هن شهر ۾ درگاهـ ڳاڙهو پير بـ تمام گهڻو مشهور آهي. هن بزرگ لاءِ ڪــا بـ پڪي تاريخ نـ ٿي ملي، پر ڪجهـ مليل ڄاڻ موجب ٻڌايو وڃي ٿو تـ هي بزرگ مهدي سرڪـار جهانيان جو فقير ٻڌايو وڃي ٿو. هن فقير جو ڪــم مهدي سرڪار جي حويلي تي روزانـ کــير پهچائڻ هوندو هو. هڪ دفعي برسات پوڻ ڪــري فـقـيـر کي حـويلي پهچڻ ۾ دير ٿي وئي ۽ کير نـ پهچڻ ڪــري ٻار بـ روئي رهيا هئا. دير صحيح پر فقير حويلي تي جڏهن پهتو تـ پاڻ سان گڏ جهنگ مان ڦاسايل ڦاڙهو بـ پڻ کڻي ويو، جڏهن مـهـدي سائين جن آيا تـ پاڻ دعـا ڏيندي فرمايائون تـ (مٿي  ساڙهو) بغل ۾ ڦاڙهو، تون  ڳاڙهو. جنهن کان پوءِ هي فقير ڳاڙهي پير جي نالي مشهور ٿي ويو، جنهن جي مزار اڄ بـ دوڙ شهر جي اولهـ طرف مورو روڊ جي ڀر سان موجود آهي. سندن مزار تي ڪئين ماڻهو دعائون، مرادون ۽ منگتون ماڻڻ اڄ بـ وڃن ٿا ۽ هر سال ميلو پڻ لڳي ٿو.

Sample Photo 1

دوڙمشهوربزرگن ۽ اوليائن جو شهر:

درگاهـ ابوالحسن؛ سنڌي رسم الخط جو باني مخدوم ابُوالحسن سنڌي ڏاهري بـ دوڙ ڀر سان آرامي آهي. سندس درگاهـ، (درگاهـ ابُوالحسن) جي نالي سان اڄ بـ مشهور آهي. سندس ئي نالي سان منسوب ديهـ ابوالحسن، جيڪا پڻ اڄڪلهـ تعلقي دوڙ جي حد ۾ آهي. مليل ڄاڻ مطابق درگاهـ ابو الحسن جو قــبرستان مـڪلـي کانپوءِ ٻيو نمبر وڏو قبرستان آهي. .

Sample Photo 2

دوڙمشهوربزرگن ۽ اوليائن جو شهر:

درگاهـ سخي ڄام ڏاتار ڄام صاحب:هي بزرگ جنهنجو اصل نالو اصغر علي شاهـ آهي ، هن بزرگ جي درگاهـ شريف تعلقي دوڙ کان اوڀر طرف 55 ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي يوسي ڄام صاحب ۾ واقع آهي. هي بزرگ سخاوت ۾ تمام گهڻو مشهور رهيو آهي، جنهن ڪري سندس نالو بـ سخي ڄام ڏاتار آهي، هر سال سندس عرس مبارڪ ۽ ميلو پڻ لڳندو آهي. هن درگاهـ شريف کي رنگن ۾ رنـڱڻ لاءِ محترمـ فريال ٽالپر پنهنجي ذاتي دلچسپي ورتي ۽ ترقياتي ڪمن جو آغاز ڪيو هيئنر نوابشاهـ کان درگاهـ شريف ۽ ڄام صاحب شهر تائين هڪ بهترين روڊ جو ڄار وڇائي پنهنجي روحاني عقيدت ۽ محبت جو هڪ عظيم مثال ڏنو آهي. هي درگاهـ شريف اوقاف کاتو پڻ سنڀالي رهيو آهي پر ميلي ۾ وصولي لاءِ ٽي ايم اي دوڙ جي حد ۾ هئڻ جي ڪري ٽي ايم اي دوڙ وصولي ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهي آهي.

Sample Photo 3

Brief Description

Sample Photo 4

Brief Description

Sample Photo 5

Jani

Sample Photo 6

Brief Description

Free

Feel free to download and use images.